پيارو آ مدينو نيارو نيارو آ مدينو
منهنجو ساھ آ مدينو واھ واھ مدينو

ريءَ پاڪ نبيءَ نه سري ٿي هي دل ٿڌا ساھ ڀري ٿي
جي نظر ٿئي ها هڪڙي وڃان سنڌ کان طيبه نڪري

مديني پاڪ اچان پسي روضي کي ٺران
مديني پاڪ اچان پسي روضي کي ٺران

شل موت ملي ها مديني ۾ منهنجي خاڪ رلي ها مديني ۾
جي جسم کان روح هتي نڪري گنبد کي ڏسي مينار ڏسي
ڀليم چوي سبحان الله جي قبر مديني منجھ ملي

No comments yet

شانِ رسالت مولي ڄاڻي ٻئي کي طاقت ناهي
مالڪ جو محبوب محمد ﷺڪونهي ڪنهن کان دور
نبي سائين نور آ نبي سائين نور آ

حضرت يوسفؑ لاءِ هئي هڪڙي زليخان ديواني
پر محبوب محمد ﷺ خاطر هر دل آ مستاني
حُسن حبيب ڪريم کي مولٰي ڏئي ڇڏيو ڀرپور

جڏهن پڙهون ٿا درود سڄڻ تي پان درود ٻڌن ٿا
روضي اطهر پاڪ منجهان ان جو جلد جواب به ڏين ٿا
ڇو نه چوان مان سهڻو محمد ﷺ زنده آهي ضرور

تنهنجو منهنجو هِت هُت حامي حسن حسين جو نانو
مالڪ عطا ڪيو آ جنهن کي غيبي علم جو خزانو
جنهن جي سامهون آ هر هڪ شي ويجهو آ يا دور

سهڻي محمد ﷺ جي آئي ٿي ويون سڀ سڻايون
تون مان ان محبوب جون ويهي اڄ ٿا نعتيون ڳايون
نثار ڪٻر آ هنن جي صدقي ملڪن ۾ مشهور

No comments yet

جلوو تنهنجو باغن ۾
سڀ ٻوٽن ۾ گلڙن ۾
هر وڻ جو پن ذڪر ڪري
لااِلٰہ َ الا اللہ ُ

مٺڙا مولٰي عيد ڪراءِ
پنهنجي نبيءَ جي يد ڪراءِ
بس هي نعمت دل ٿي گهري
لااِلٰہ َ الا اللہ ُ

پنجتن جو مان خادم آهيان
موليٰ عليءَ تي جان ڏيان
لبڙن تي پوءِ ڇونه هجي
لااِلٰہ َ الا اللہ ُ

حوصلو رک ڀليم ادا
هيءَ سعادت ڏيندو خدا
موت مهل جهونگاريندين
لااِلٰہ َ الا اللہ ُ

No comments yet

مٺو پيارو سهڻو نالو آقا جو
مٺو پيارو سهڻو نالو مدنيءَ جو

آهي الله کي پيارو جنهن جو آشان نرالو
اهڙو سهڻو مرسل اسان کي مليو

جنهن جو الله به ذڪر ڪندو آ
فرشتن کي به حڪم ڏيندو آ
مومن کي به حڪم آ
قرآن ۾ به لکيل آ
صَلِّ عَلٰی سڀئي پڙهو

ڪيڏو ته مٺڙو نالو آهي محمد ﷺ
چمي اکين تي رکان نالو محمد ﷺ
جيڪو به نانءُ کڻي ٿو دل کي سڪون ملي ٿو
مدد گار اسان کي مليو

الله حبيب کي پاڻ گهرايو
پنهجي نبي کي معراج ڪرايو
سڄڻ سير ڪندو ويو
رُڪي جبرائيل به ويو
خدا سان روبرو مليو

No comments yet